اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا نئين بلندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي ??نه?? سان وچ ايشيائي ملڪن س??ن لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ازبڪستان جي صدر جو پاڪستان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ ک??ن اسان ويجهي دوست ملڪ ازبڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ۽ ازبڪستان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران ??ان جا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ازبڪ صدر پاڪست??ن اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي ??نه?? سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن ??ي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان ٽرين روٽ ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو ??نه?? سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر پڻ ازبڪستان مان آيو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا لاڳاپا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران ??ان جي ازبڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ان ک??ن اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا نئين بلندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : bolão quina