ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ??فغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاق??ت ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سي??ري??ري سهي?? محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، ??عليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاق??ت ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، ??فغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ??فغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق