اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيو آهي ته قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن، ماضي جي حڪمرانن جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري تي ??رف 67 هزار هڪ سئو 80 ڊالر جا خرچ آيا، زرداري ۽ نواز حڪومتون مسلسل قوم جي پٺي تي قرضن جو بار وڌائينديون رهيون، ٻنهي پارٽين جي قيادت ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو پنهنجي عياشين تي خرچ ڪندي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن پاڪستان کي قرضي بڻايو ۽ ڪنهن ٽيڪس جي پئسن تي ڪيتري عياشي ڪئي اها ڳالهه ها??ي ڪنهن کان ڳجهي ناهي، هن چيو ته زرداري 2009ع ۾ واشنگٽن ويو ته 7 لک 52 هزار 668 ڊالر جو خرچ آيو، نواز شريف 2013ع ۾ واشنگٽن ويو ته 5 لک 49 هزار 853 ڊالر خرچ ٿ??و، عمران خان 2019ع ۾ وزيراعظم طور واشنگٽن ويو ته ??رف 67 هزار 180 ڊالر ۾ دورو م??مل ٿي ويو، انهي طرح نيويارڪ جي سرڪاري دورن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به واضح فرق ڏسڻ ۾ ??چي ٿو.
قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن: سيف الله خان نيازي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن