بيجنگ – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي قائم گڏيل رابطا ڪميٽي چئني صوبائ?? گادي وارن شهرن ۾ ريل جي ماس ٽرانزٽ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي احسن اقبال چيو ته اهي ريل منصوبا لاهور، ڪ??اچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائين ٽرين منصوبي وانگر هوندا، اهي ??ار ئي منصوبا سي پيڪ فريم ورڪ جو حصو بڻايا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ لاڳاپا ملڪ ۾ 9 صنعتي زونز قائم ڪرڻ جو معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هڪ نئين دور ۾ د??خل ٿي چڪا آهن. اهي اقتصادي زونز وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد، ڪ??اچي کانسواءِ چئني صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد