گڏيل قومون – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت لاءِ فلس??ين جي درخواست تي ووٽنگ (اڄ) جمعي تي ٿيندي. ٻئي پاسي سفارتڪارن ??يو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلس??ين جي مڪمل رڪنيت هڪ اهڙو قدم آهي جنهن کي اسرائيل جو اتحادي ويٽو ڪندي روڪي ڇڏيندو ڇو جو اهو فلسطيني رياست کي ??وثر طريقي سان تسليم ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق سفارتڪارن ??يو آهي ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ جو هڪ مسودو تي ووٽنگ اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندي. سلامتي ڪائونسل طرفان ٺهراءُ جي منظوري ۾ 193 رڪني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي سفارش ڪئي ويندي ته رياست فلس??ين کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ان قدمن کي ڪائونسل جي 13 ميمبرن جي حمايت حا??ل ٿي سگهي ٿي، جيڪو آمريڪا کي ??نهنجو ويٽو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي ٺهراءُ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ (اڄ) ٿيندي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر