عمان -17 اپريل (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته انهن جو ملڪ ڪنهن به صورت ۾ علائقائي ??نگ جو ٿيٽر نه بڻجندو. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه عبدالله ملڪي سالميت ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن معاملن کي ترجيح ڏي?? جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اردن جو مقصد اسرا??يل جي دفاع ڪرڻ بدران پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ آهي. سندس اهو بيان اسرا??يل تي فائر ڪيل ايراني ميزائيلن کي اردن پاران رستي ۾ تباهه ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هوڏانهن برلن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنج?? جرمن هم منصب سان ڳالهائيندي اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي چيو ته ايران پنهنجي حملي کي اسرا??يل پاران ان جي قونصليٽ تي حملي جو جواب قرار ڏنو آهي، ۽ چيو آهي، ته هو ان معاملي کي اڳيان وڌائڻ نه ٿا چاهين. اسان موجوده اشوز کي اڳيان وڌائ?? جي خلاف آهيون.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايران سان تڪرار چاهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرائيلي وزيراعظم کي ايران سان ٽڪراءَ کي روڪڻ ??هرجي.
اردن علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو: شاهه عبدالله (ٻه)
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ