اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪائونسل آف پاڪستان ن??وز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل ??هد??دارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي بطور اداري فعال ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جي مضبوط?? جي لاءِ صحافت ۽ اظه??ر راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن چيو ته حڪومت سدائين ميڊيا جي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي. هن چيو ته اخبارن ۽ رسالن جي مسئلن جي حل لاءِ سي پي اين اي سان تعاون جاري رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل ??هد??دار صحافت جي شعب?? جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي لاءِ صحافتي برادر?? جي اميدن تي پورو لهندا. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اين ا?? جي صدر ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل اعجازالحق، سينيئر نائب صدر انور سجادي ۽ ٻين نئين چونڊيل ??هد??دارن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ