اسلام آباد ??? 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ سي??يورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سي??يورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا