ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ، معاشي استحڪام ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر ۽ موثر قدمن جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ مثبت آهي، ڪاروباري برادري جي معاونت ??ان ايندڙ 5 سالن دوران روانگي واپار کي ٻيڻو ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي، نجڪاري جي عمل کي شفاف بڻائينداسين، ڪاروباري ماڻهن جي مشاورت ??ان اهڙي حڪمت عملي ٺاهينداسين جنهن ??ان صنعت کي فروغ ملي ۽ ڪاروباري برادري جا مسئلا حل ٿين، ايف بي آر کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ ناليواري ڪاروباري شخصيتن ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته واپاري برادري ??ان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڪاروباري طبقو معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ق??من جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، اهي ئي قومون زندهه رهنديون آهن جيڪي مشڪلاتن جو چئلينج سمجهي موقعن ۾ تبديل ڪن، اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت قائم ٿي آهي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي، وفاق ۾ مخلوط، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن)، بلوچستان ۾ اتحادي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جون حمايت يافته حڪومتون قائم آهن، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪ جي بهترين مفاد ۾ سوچڻو پوندو، مشڪلاتن کي چئلينج سمجهي انهن جو مقابلو ڪنداسين، ا??ان کي ملڪي مسئلن جو ادراڪ ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي حل لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي وڃايل مقام حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري برادري جي مشاورت ??ان ڪارائتيُون پاليسيون ٺاهڻ جا خواهشمند آهيون ته جيئن ا??ان پنهنجي برآمدي صنعت کي بهترين بڻايون ۽ ان جا مسئلا حل ڪريون ۽ اهو پڪوپهه ڪرڻو آهي ته ايندڙ 5 سالن دوران پنهنجي روانگي واپار کي ٻيڻو ڪنداسين، اهڙي طرح زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻينداسين، معدنيات جي شعبي ۾ پڻ ترقي جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي عالمي دنيا ۾ ان جو جائز مقام ڏياريون، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪريون ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، ا??ان کي پنهنجي جيءُ ۾ جهاتيءَ پائڻ جي ضرورت آهي ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻي سگهون، اڃا به دير ناهي ٿي، خاص طور تي چار پنج مختلف شعبن جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ان سلسلي ۾ موجوده دور جي تاريخ جا ڪيترائي مثال ا??ان وٽ موجود آهن، معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروباري برادري جي تعاون جي ضرورت آهي، ا??ان ڪاروباري برادري جي مشاورت ??ان پاليسيون ٺاهينداسين ته جيئن پاڪستان جيڪو ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي ان کي اڳتي وٺي وڃون، جيڪي ملڪ ترقي جي ڊوڙ ۾ ا??ان کان پٺتي هئا اهي اڄ ڪيترائي ڀيرا اڳتي نڪري چڪا آهن، ا??ان کي انڊسٽري کي مضبوط بڻائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مشڪلاتون ضرور آهن پر مسئلن تي ضابطو آڻڻ ناممڪن نه آهي، گڏيل مشاورت ??ان حڪمت عملي اختيار ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جو مسئلو رڳو کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ اسٽيل تائين ئي محدود نه آهي، هٿيارن جي پڻ اسمگلنگ ٿي رهي آهي، ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي اسمگل ٿي رهيون آهن ۽ ا??ان کي روينيو حاصل نه ٿي رهيو آهي، اهو هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي جنهن جي حل تي ا??ان ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ وقت لڳندو پر ا??ان ان تي پورو ڌيان ڏنو آهي، کنڊ جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي تي ضابطو آڻڻ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي آهي ۽ مارچ ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار به بلند ترين سطح تي رهيو، ڪرنٽ اڪائونٽ به مثبت آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ان موقعي مان فائدو کڻڻ جو واحد رستو اهو آهي ته ڪاروباري طبقي جا جيڪي به مطالبا آهن جنهن حد تائين ا??ان انهن کي پورو ڪري سگهون ٿا ڪريون، روانگي واپار ۾ اضافي جي ذريعي ا??ان غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مسئلو حل ڪري سگهون ٿا، ايندڙ مهيني ڪاروباري برادري ??ان اجلاس ۾ معاشي ترقي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويندو ۽ جيڪي به مسئلا آهن انهن کي گڏيل مشاورت ??ان حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اها ضمانت ڏيان ٿو ته نجڪاري جو عمل انتهائي شفاف هوندو، بيوروڪريسي جي رڪاوٽن کي اچڻ نه ڏنو ويندو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ جي معاملن ۾ جوائنٽ وينچر ٺاهي سگهجن ٿا، ڊسڪوز جي نجڪاري بابت فيصلو به مشاورت ??ان ڪيو ويندو، خساري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي ڪري ساليانو اربين، کربين رپيا ضايع ٿي رهيا آهن، ڪاروباري برادري ان حوالي ??ان اڳتي وڌي، حڪومت جو ڪم پاليسيون ڏيڻ آهي، ڪاروبار ڪرڻ نه آهي. وزيراعظم چيو ته جيئن ئي ا??ان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي برآمد ڪندڙن کي 65 ارب رپين جا ريبيٽ ڏنا آهن، وقت اچي ويو آهي ته ا??ان معاشي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيون ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ٿئي، ا??ان سمورين اهم وزارتن ۾ عالمي مهارت رکندڙ ڪنسلٽنٽس جي مقرري ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ مهيني سعودي عرب جو هڪ ٻيو ??عل??ٰ سطحي ڪاروباري وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري برادري ??ان 2700 ارب رپين جا معاملا عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ا??ان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته قرض کڻي زندگي گذارڻي آهي يا عزت ۽ وقار ??ان جيئڻو آهي، ڪاروباري برادري حڪومت جو ساٿ ڏي، حڪومت انهن کي مايوس نه ڪندي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا.
حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ، معاشي استحڪام ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی