اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيني نائب پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ??و صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن ??ان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب پرڏيهي وزير ملاقات تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.
پاڪستان ۽ چين کي سي پيڪ جي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس