اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ 39 هين سارڪ چارٽر ڊي تي سارڪ جي ميمبر ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رکندڙ اڳواڻن سارڪ چارٽر کي اختيار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب سارڪ چارٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ذميواري جي ياد ڏياري ٿو جيڪا اسان جي ماڻهن غربت، ناخواندگي، بيماري ۽ گهٽ ترقي جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪلهن تي وڌي آ??ي. ??ن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي سارڪ ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ رهندڙ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين ??ي بدلائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت آ??ي. ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو ته پاڪستان سارڪ جي هڪ باني ميمبر ملڪ طور تنظيم جي مقصدن جي لاءِ مسلسل پنهنجي وابستگي ظاهر ڪري ٿو ۽ هن سارڪ جي عمل ۽ سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان قومي ۽ عل??ئق??ئي ترقي جي لاءِ عل??ئق??ئي تعاون جي طاقت ۽ صلاحيت تي پختو يقين رکي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته سارڪ جي چارٽر موجب نتيجي تي ٻڌل عل??ئق??ئي تعاون رڳو خودمختيار برابري ۽ گڏيل احترام جي بنيادي اصولن تي عمل پيرا ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن سارڪ جي عمل ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته تنظيم جا هموار ڪم جي راهه ۾ ايندڙ موجوده رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، اهڙي طرح سارڪ جا ميمبر ملڪ گڏيل طور تي فائديمند عل??ئق??ئي تعاون جي راهه تي اڳتي وڌڻ جي قابل ٿي ويندا. نگران وزيراعظم تنظيم جي هموار ڪم جي لاءِ سارڪ سيڪريٽريٽ پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته آئون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش ڪريان ٿو. هن چيو ته اچو اسان ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا جي فائدي لاءِ پنهنجي خطي جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪريون.
8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رکندڙ اڳواڻن سارڪ چارٽر کي اختيار ڪيو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری