ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي س??ڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي س??ڪيانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پا??ست??ن ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي س??ڪيانگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بل??ست??ن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيداري جي لاءِ پا??ست??ن جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پا??ست??ن ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي س??ڪيانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ