اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن?? مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پوندي. وفد صد?? کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايسوسيئيشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جو?? سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ايسوسيئيشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جو?? سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايسوسيئيشن جي ٻارن جي علاج ۽ سرجري جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
صدر سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔