اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يوڪرين واپار، سيڙپڪاري، زر??عت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمو??ن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري پنهنجي يوڪريني هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته يوڪرين سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ تڪرار جي پر??من حل جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ هڪ ملڪ طور اسان سمجهون ٿا ته پراڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وج??ي سگهن ٿا، يوڪرين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ٻارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڪستان به ان کان مستثنيٰ نه آهي. هن چيو ته يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳ??پن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا يوڪرين سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي لاڳ??پن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زر??ي ۽ دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ گهرا رابطا شامل آهن، اسان گڏيل فائدي جي سمو??ن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳ??پن جي تعمير پاڪستان جي لاءِ ترجيحي شعبو آهي. هن چيو ته اسان گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا جيڪي اسان جي قومن جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ مددگار ٿين. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي اتفاق ڪيو، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي مڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، اسان پنهنجي لاڳ??پن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائينداسين. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ۾ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان موجوده صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ قيمتي جانين جي زيان ۽ بي پناهه انساني مصيبتن تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پنهنجي معاشي چئلينجز جي باوجود يوڪرين جي ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان انساني امداد موڪلي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊگهو تڪرار شهري آبادي جي لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي اميد آهي ته ??من قائم ٿيندو ته جيئن يوڪرين ۽ روس جا ماڻهو ??من جا ثمر حاصل ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته مون ملاقات ۾ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي پر??من حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ??من قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي آمادگي جو اظهار ڪيو جيڪي خطي ۾ ??من آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي پر??من حل جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري 12 جولاءِ تي جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، تشدد جي لاءِ اتساهيندڙ مذهبي نفرتن جي خلاف قرارداد جي حمايت تي يوڪرين جي حڪومت جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن ٻطرفن لاڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي يقين ظاهر ڪندي چيو ته اسان پاڪستان ۽ يوڪرين جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته پاڪستان يوڪرين سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديمترو ڪوليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي، اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان سان واپاري لاڳ??پن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏي??ي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ يوڪرين پاران واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ