اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. جارجيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻنهي ملڪن جا ا??ليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپ??ار??، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپ??ار?? جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ ??اق??عده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي پرڏيهي وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ??ار??بار بابت ن??ٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ