اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان ??اڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان ??نهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرن??شن?? پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه ما??يڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري انٽرن??شن?? ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرن??شن?? پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرن??شن?? ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عملدارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.
پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب