اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثر، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصل جي وڌ کان وڌ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي سٽ سهڻ جي سگهه رکندڙ فصلن جي قسم جي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت آهي، آءِ اي اي اي جي ڊا??ري??ٽر جنرل ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊا??ري??ٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي و??ير??عظم ڊا??ري??ٽر جنرل جي آجيان ڪندي آءِ اي اي اي ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جاري تعاون کي ساراهيو. و??ير??عظم ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪست??ن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ايجنسي جي ڪم ۾ مهارت ۽ فني معاونت کي وصول ڪرڻ ۽ فراهم ڪندڙ طور پنهنجي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي خواهش جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم ڊا??ري??ٽر جنرل گروسي کي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي اهتمام هيٺ 19 ڪينسر اسپتالن جي اهم ڪردار بابت بريفنگ ڏني، جيڪي پاڪستان ۾ ڪينسر جي علاج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ عام ماڻهو کي سستي علاج جي فراهمي يقيني بڻائي رهيون آهن. ڊا??ري??ٽر جنرل مختلف شعبن ۾ نيوڪليئر ايپليڪيشن ۾ پاڪست??ن جي مهارت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان ايجنسي جي ڪم ۾ معاونت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج جي لاءِ ”اميد جو ڪرڻو“ جا قدم به شامل آهن. و??ير??عظم پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصلن جي وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي قسم تي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان انرجي مڪس ۾ جوهري توانائي جو ڪردار سستي ۽ صاف توانائي جو آهي. آءِ اي اي اي جي ڊا??ري??ٽر جنرل پاڪست??ن جهڙن ملڪن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سڀني چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن پاڪستان ۾ زرعي تحقيقي ادارن بشمول اين آئي اي بي جيڪا آءِ اي اي اي جي تعاون ڪرڻ وارن مرڪزن مان هڪ آهي کي ساراهيو. واضح رهي ته آءِ اي اي اي جو ڊا??ري??ٽر جنرل ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران مختلف جوهري سهولتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪينسر جي علاج جي مرڪزن ۽ زرعي تحقيقي ادارن جو دورو ڪندو، جيڪي پائيدار ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺي رهيا آهن، ??ن جي هن دوري سان ??ن جي پاڪستان پار??ن جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي بهترين معيارن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو به ملندو.
پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي ۾ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ