اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري ملڪتي وزير حنا رباني کر 16 کان 20 جنوري تائين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 53 ??ين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪري ??هي?? آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان فورم ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ??ندو. پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن سان پ?? ملاقات ڪندا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز