اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اسڪرين ٽوئرازم اهم مقام حاصل ڪري چڪي آهي، اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي اسان نه رڳو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي سگهون ٿا پر پنهنجي ثقافت ۽ معاشرتي قدرن کي پڻ فروغ ڏئي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي فلم ۽ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي وچ ۾ ”نقش ڊيجيٽل فلم“ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بدقسمتي سان پا??ست??ن جي فلم انڊسٽري تمام گهڻين ڏکين حالتن کي منهن ڏنو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پا??ست??ن ڏکڻ ايشيا ۾ فلمسازي جي لحاظ کان هڪ وڏو ملڪ هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي مقابلي ۾ فلمي صنعت جو سڀ کان وڏو پروڊيوسر ملڪ هو. هن چي?? ته پا??ست??ن ۾ 30 کان 40 سالن ۾ فلم انڊسٽري تقريبن ختم ٿي چڪي هئي، گذريل 10 سالن ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحالي طرف گامزن ٿي. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ 2018ع ۾ پا??ست??ن جي 0 هين سالگرهه جي موقعي تي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي جاري ڪئي، اها پاليسي پا??ست??ن جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪئي وئي هئي، اهو اسان جو هڪ اڻمڪمل ٽاسڪ هو جيڪو اسان اپريل 2022ع ۾ ٻيهر شروع ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ”نقش ڊيجيٽل فلم“ پروگرام کي ڪام??اب?? سان جاري ڪرڻ تي فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته فلم انڊسٽري جو فروغ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته فلم انڊسٽري ۾ روزگار جي گهٽ موقعن جي ڪري پا??ست??ن ۾ شاگرد عام طور تي ان ڊگري طرف گهٽ اچن ٿا. هن چي?? ته فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ پا??ست??ن حڪومت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، پا??ست??ن ۾ فلمسازي سان ٿيندڙ آمدني تي هاڻي ڪو ٽيڪس نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پا??ست??ن حڪومت ”فلم فنانس فنڊ“ جوڙي رهي آهي جنهن ۾ نوجوان فلمسازن کي آسان پهچ دستياب هوندي. هن چي?? ته ان فنڊ جي ذريعي نوجوانن کي قرضن بدران گرانٽ فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ان فنڊ ۾ ڪارپو??يٽ سيڪٽر کي پڻ پهريون ڀيرو انگيج ڪيو ويو آهي، ڪا به ڪارپو??يٽ لسٽڊ ڪمپني فلم جي تياري لاءِ ان فنڊ ۾ حصووٺندي ته ان سان ٿيندڙ آمدني ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي. مريم اورنگزيب چي?? ته پا??ست??ن ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ ڪئميرا، اوزارن، سئنيما اوزارن سميت ٻين ايڪوئپمينٽس جي درآمد تي ڪو ٽيڪس ۽ امپورٽ ڊيوٽي نه آهي. هن چي?? ته سئنيما گهر جي اندر انٽرٽينمنٽ ٽيڪس پڻ زيرو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي 10 سالن تائين آمدني تي به ڪو ٽيڪس نه هوندو. هن چي?? ته راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۾ مشهور سئنيما گهرن کي لينڊ مارڪس جي حيثيت حاصل هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پا??ست??ن ۾ سئنيما گهر بند ٿيڻ جي ڪري فلم ٺهڻ پڻ بند ٿي وئي هئي، راولپنڊي ۾ شبتان، گلستان ۽ نادر سئنيما جو ذڪر ڪندي هن چي?? ته اهي راولپنڊي جون مشهور لينڊ مارڪس هيون. بدقسمتي سان پا??ست??ن جي ڪيترن ئي شهرن م موجود ماضي جا مشهور سئنيما گهر پيٽرول اسٽيشنن، شادي هالز ۽ پلازائن ۾ منتقل ٿي ويا. هن چي?? ته سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪندي حڪومت ٻيهر ٺهڻ سان سئنيما گهرن جي آمدني تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي. هن چي?? ته ڪو به ڪارپو??يٽ سيڪٽر فلم ليب ۽ فلم اسٽوڊيوز ۾ سيڙپڪاري ڪند?? ته ان جي آمدني تي پڻ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پا??ست??ن جي فلم پاليسي بابت سموري معلومات وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن چي?? ته اها رڳو پاليسي نه آهي پر ان تي عملدرآمد پڻ ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته فاطمه جناح يونيورسٽي پاران نقش ڊيجيٽل فلم جهڙن قدمن سان پا??ست??ن ۾ فلمي صنعت کي فروغ ملندو. هن چي?? ته اهڙا پروگرام پا??ست??ن جو مثبت تشخص اجاگر ڪن ٿا. هن چي?? ته پا??ست??ن جي 66 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، پا??ست??ن جي نوجوانن کي فلمسازي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ئي اهي طريقا آهن جن جي ذريعي اسان راءِ جو اظهار ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير فاطمه جناح وومين يونيورسٽي ۾ ميڊيا اسٽڊيز اينڊ ڪميونيڪشن سينٽر کي ساراهيندي چي?? ته فاطمه جناح يونيورسٽي جي نقش ڊيجيٽل فلم جي لاءِ پي ٽي وي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. هن چي?? ته پي ٽي وي وٽ جيڪو انفراسٽرڪچر موجود آهي اهو ڪنهن ٻئي چينل وٽ نه آهي، پي ٽي وي هڪ انٽرنيشنل براڊڪاسٽر آهي. هن چي?? ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پا??ست??ن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ان پروگرام جي لاءِ پنهنجو پليٽ فارم مهيا ڪندا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چي?? ته اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته فلمون ڪنهن به معاشري جي قدرن جي عڪاسي ڪن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان چي?? ته شارٽ فلم پي ٽي وي جو لازمي جز آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪوششن سان پي ٽي وي گهٽ وقت ۾ شارٽ فلمن جي تياري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چي?? ته اسان کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ موجدو ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا ڏيڻ گهرجن. تقريب کي فاطمه جناح يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ۽ سوشل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي سينيئر رپورٽنگ آفيسر پروفيسر ڊاڪٽر ثروت رسول پڻ خطاب ڪيو. مفاهمت جي ياداشت تي پي ٽي وي فلمز جي هيڊ نريتا ۽ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثروت رسول صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان، پي ٽي وي فلم جي هيڊ نريتا، فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثروت رسول، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد علي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر شازيه، سينيئر ليڪچرر ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز يوسف، او آر آءِ سي جي مئنيجر ڊاڪٽر عماد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
ملڪ ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي فروغ جي ضرورت آهي، سڄي دنيا ۾ اسڪرين ٽوئرازم اهم مقام حاصل ڪري چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا