اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير م??يم اورنگزيب چيو آه?? ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمي??تي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آه??، ماحولي??تي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آه??. موسمي??تي تبديلين کان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آه??. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي و??ير م??يم اورنگزيب چيو آه?? ته پاڪستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسمي??تي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي موقف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمي??تي تبديلين واري وفاقي و??ير شيري رحمان جي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آه??، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي اتحاد موسمي??تي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان بچائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج