اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي علائقائي ۽ داخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ آئين جي دائري تحت ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان عمل جي نگران?? جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي ج??ڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته آئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن ??ي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي ج?? اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارلياماني ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامت?? جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسند?? جي خلاف پاڪستان غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪي?? جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته آئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي ج?? نشانو بڻجڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن ??ي امين ۽ محافظ هئي، آهي ۽ رهندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته انهن جي قربانين ۽ اهم حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقل?? جي حڪمت عملي ج?? حصو آهن. اجلاس زور ڏئي چيو ته پاڪستان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي خوشحال?? جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آئين پاڪستان جي دائر?? جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن علائقائي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عملدرآمد آئين پاڪستان جي حدن جي اندر ضا??ط?? جي ڪارروائ?? جي تڪميل ۽ پاڪستان حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارلياماني اوورسائيٽ ڪميٽي ج??ڙڻ جي پڻ منظوري ڏن?? جيڪا آئيني حدن ۾ ان عمل جي نگران?? جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته اڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش