اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي و??ير??عظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ناڻي ڊويزن جي سفارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي لاءِ ڪروو حسين اينڊ ڪو کي مالي سال 2021 – 2022ع جي ايڪسٽرنل آڊيٽرز طور ??قرر?? ج?? منظوري ڏني جڏهن ته ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ لوڊشيدنگ تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2022ع جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ بجل?? ج?? ڪيپيسٽي پيداوار 23900 ميگاواٽ تائين هئي ۽ ان دوران اهڙا پلانٽس جيڪي وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيا ان جي ڪري چار هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل نه ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجل?? ج?? پيداواري صلاحيت ۽ پيداوار ۾ فرق هوندو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ٿرمل 1263 تي ڊسمبر 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر اهو جولاءِ 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آه?? ج??هن ۾ 26 مهينن جي دير ٿي آهي. ٿر انرجي مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو آگسٽ 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ 17 مهينن جي دير ٿي آهي. اجلاس دوران ٿل نووا 330 ميگاواٽ پراجيڪٽ جي ايجنڊا به پيش ڪئي وئ?? ج??هن موجب اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ اٽڪل 20 مهينن جي دير آهي. اهڙي طرح شنگهائي ??ليڪٽرڪ پاور 1320 ميگاواٽ جو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو، ان ۾ به 20 مهينن جي دير آهي جڏهن ته ڪروٽ پاور 720 ميگاواٽ جو پاور ??لانٽ آگست 2021ع تي مڪمل ٿيڻو هو جيڪو جون 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آه?? ج??هن ۾ اٽڪل 10 مهينن جي دير ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ برساتن جي ڪري هائيڊل پاور ڪيپيسٽي مڪمل آپريشنل هوندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته تربيلا ڊيم جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ تربيلا ڊيم مان وڌيڪ 2000 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل اين جي پلانٽس وڌيڪ گرمي پد جي ڪري پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم نه ٿا ڪري سگهن. اجلاس کي بجل?? ج?? لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان اڳت?? ج?? حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ان حڪمت عملي تحت 20 سيڪڙو فيڊرز کي لوڊشيڊنگ فري رکيو پيو وڃي ته جيئن اسپتالن ۽ صنعتن کي بجل?? ج?? فراهمي ۾ تعطل نه اچي. اجلاس ۾ بجل?? ج?? فراهمي دوران ٿيندڙ لائين لاسز جي حوالي سان پڻ بحث ڪيو ويو ۽ اهو اتفاق ڪيو ويو ته لائين لاسز ۾ گهٽتائ?? ج?? لاءِ هڪ مڪمل پلان جوڙيو ويندو. ڪابينا پاور سيڪٽر ۾ موجود گردشي قرضن جي حوالي سان ڳڻت?? ج?? اظهار ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي ڪوششن ۾ تيزي آندي ويندي. اجلاس دوران و??ير??عظم چيو ته جيڪڏهن اهڙا پراجيڪٽس جيڪي دير جو شڪار آهن وقت تي مڪمل ڪيا وڃن ها ته اسان کي اڄ بجل?? ج?? لوڊشيڊنگ جو مسئلو درپيش نه هجي ها. و??ير??عظم وڌيڪ چيو ته جيئن ته گذريل حڪومت وقت تي گئس خريد نه ڪئي ??ن لاءِ اسان کي ٻارڻ سان هلندڙ پاور ??لانٽس جي لاءِ تيل جي خريداري ڪرڻي پئي. هن چيو ته اسان هن شديد گرمي ۾ عوام کي لوڊشيڊنگ جي مشڪلاتن ۾ وجهڻ نه ٿا چاهيون. و??ير??عظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي ڇو ته صوبائي ??ڪومتن وٽ ڊسٽري بيوشن جي حوالي سان بهتر حڪمت عملي ۽ انفورسمينٽ جي صلاحيت هوندي آهي. و??ير??عظم شهباز شريف توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير کي هدايت ڪئي ??ه هو ٻن سڀ کان بهترين ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۽ ٻن سڀ کان خراب ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جو دورو ڪري ۽ انهن ٻنهي ڪمپنين جي ڪارڪردگ?? ج?? فرق جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪري. وڌيڪ اهو ته و??ير??عظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري صلاحڪار طارق بشير چيما کي اها هدايت ڪئي ??ه هو ٽيوب ويلز جي سولر انرجي تي منتقل?? ج?? حوالي سان هڪ پلان جلد کان جلد جوڙي. و??ير??عظم Indicative Generation Capacity Expension Plan 2021 – 30 جي انرجي مڪس جي حوالي سان ڪيل فيصل?? ج?? حوالو ڏيندي چيو ته اڳتي ڪو به امپورٽڊ ٻارڻ تي هلندڙ پاور ??لانٽ نه لڳايو ويندو. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان بجل?? ج?? لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي ورتو ته توهان لکين ماڻهن جون دليون کٽي وٺندا، اسان جي حڪومت جو مختصر وقت باقي آهي ۽ اسان کي انهي عرصي ۾ بهتري آڻڻي آهي. و??ير??عظم پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ??ه هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه هجي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي 29 جون 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. جن ۾ انٽيليڪچوئل پرا??رٽ??ز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (فنانشل) رولز 2022ع، انٽيليڪچوئل پرا??رٽ??ز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (سروس) رولز 2022ع، پبلي ڪيشن آف لاز آف پاڪستان (ترميمي) بل 2022ع ۽ قومي احتساب بيورو (ترميمي) بل 2022ع شامل هئا. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پرائيويٽائيزيشن بابت ڪابينا ڪميٽ?? ج?? 24 جون 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل هيٺ ڏنل فيصلن تي غور ڪيو ويو. جن ۾ ليگل فريم ورڪ فار گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) ڪمرشل ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي. ان کانسواءِ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحال?? ج?? ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان سي سي او پ?? ج?? فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح نيشنل پاور ??ارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽي?? ج?? گورنمينٽ آف پاڪستان ۽ پي ڊي ايف ايل قرضن جي ذريعي ڪمرشل قرضن جي ري ڪيپيٽلائيزيشن جي حوالي سان پڻ ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽ?? ج?? فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري ۽ بجل?? ج?? ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ نجي شعب?? ج?? حصيدار?? ج?? حوالي سان پڻ سي سي او پ?? ج?? فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. وڌيڪ اهو ته ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 4 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، 5 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 4 کي هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڪابينا اها منظوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي 2 ڪيسز ۾ هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن