اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب (ترميمي) بل 2022ع نظرثاني لاءِ واپس موڪلي ڇڏيو. بل آئين ج?? آرٽيڪل 75 جي ??ق ون بي تحت پارليامينٽ ۽ ان ج?? لاڳاپيل ڪميٽين ۾ نظرثاني ۽ تفصيلي غور ۽ ويچار لاءِ وزيراعظم کي واپس موڪليو ويو آهي. هتي ايوان صدر مان جاري هڪ بيان موجب صدر قرار ڏنو ته ان بل کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ صدر کي ان باري ۾ قانونسازي جي ??جويز کان آگاهه نه ڪيو ويو هو جيڪو اسلامي جمهوريه پاڪستان ج?? آئين ج?? آرٽيڪل 46 جي ??لاف ورزي آهي. اسلامي جمهوريه پاڪستان ج?? آئين ج?? آرٽيڪل 46 چوي ٿو ته وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران سموري قانون سازي جي ??جويزن کي پارليامينٽ جي ??امهون آڻڻ کان اڳ ان بابت صدر کي آگاهه ڪ??دو. صدر وڌيڪ چيو ته ترميمن کي 26 مئي 2022ع تي قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي 2022ع تي سينيٽ جلد بازي ۽ مناسب ڏاهپ کانسواءِ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي، صدر چيو ته نيب قانونن ۾ ترميمن سان ثبوتن ج?? بار استغاثه تي وجهي ان کي 1898ع جي فوجداري قانونن ج??ڙو بڻائي ڇڏيو آهي، نيب قانون ۾ ترميمن سان استغاثه لاءِ ڪرپشن ۽ سرڪاري اختيارن ج?? غلط استعمال جا الزام ثابت ڪرڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان سان پاڪستان ۾ احتساب جو عمل دفن ٿي وي??دو. هن چيو ته ان طرح جون ترميمون اسلامي فقه جي ??وح جي ??ه منافي آهن، جتي خليفه راشد حضرت عمر رضي الله عنه سان هڪ عام شهري وضاحت جي لاءِ سوال ڪيو هو، اهڙي طرح اهو ترقي يافته ملڪن ج?? مختلف احتسابي قانونن ج?? به منافي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن ترميمن سان غير قانوني اثاثن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مني ٽريل جو پتو لڳائڻ تقريبن ناممڪن ٿي وي??دو خاص طور تي جڏهن جائيداد/ اثاثن/دولت جي ??ڪارڊ کي نه ته ڊجيٽالائيز ڪيو ويو هجي ۽ نه ئي جانچ ڪندڙن ج?? ذريعي خاص طور تي بي نامي جائيدادن ج?? پتو لڳائي سگهجي. صدر چيو ته جيڪڏهن مجوزه ترميمن کي لاڳو ڪيو ويو ته عدالتن ۾ جاري ميگا ڪرپشن ڪيسز بي نتيجا ٿي ويندا، تنهن ڪري ڄاڻايل ترميم جنهن ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ لاءِ بدعنواني ۽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي ??اتمي لاءِ احتساب جي ??ريقيڪار کي مضبوط ڪرڻ گهربو هو ان کي بي اختيار ڪيو ويو آهي
صدر قومي احتساب (ترميمي) بل 2022ع نظرثاني لاءِ واپس موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی