اسلام آباد – 12 ̵1; اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف وز??راعظم آفيس پهچي ذ??يداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وز??راعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳ?? کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وز??راعظم شهباز شريف جي آفيس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وز??راعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وز??راعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وز??راعظم شهباز شريف سان وز??راعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وز??راعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، ??ڻٿ?? محنت اسان جا رهنما اصول آهن.
وزيراعظم شهباز شريف ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل ۽ سرڪاري آفيسُون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر