دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ??مپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ??مپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آ??ي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جي ??يجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آ??ي، ٽيڪنالاجي جي ??وڙ ۾ شامل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپي??ل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽر ڪارڊ جي ??ويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان و??ي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ??يجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان