اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس افغانس??ان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڊينمارڪ جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪس??ان جو موقف وا??ح ڪيو ۽ سموري افغان عوام جي تحفظ، سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم افغانس??ان مان سفارتي اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين جي افغانس??ان مان نڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار طور پاڪس??ان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم افغانس??ان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری