اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روي??يو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ م??صو??ابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو، بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، روي??يو بابت خاص مددگار ڊا??ٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پ??انٽس قائداعظم ٿرمل پاور پ??انٽ، بلوڪي پاور پ??انٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پ??انٽ لاءِ پاور پرچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ايگريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پ?? ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پ??داواري م??صو??و داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پ??هنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پ??داواري م??صو??و(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پ??داواري م??صو??ي کي ساراهيو ۽ ??يو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن