اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته حڪومت ا??ند?? مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي. نجي بئنڪُون گهرن جي تعمير لاءِ 380 ارب روپيا قرض ڏينديُون، ماضي جي حڪومتن گهرن جي اسڪيمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪرپشن جو مرڪز بڻيل رهيو، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڪيس تيزي سان اڪلائڻ لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ويون آهن، قبضا گروپ جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي ??هي?? شهرن جو پکيڙ روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت بنڊل آءِ لينڊ منصوبي لاءِ اجات نه ڏئي رهي ??هي?? اڳوڻين حڪومتن آبي ذخيرا نه ٺاهي ملڪ تي ظلم ڪيو، هائوسنگ ۽ ٻين منصوبن جا ثمر جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪا به حڪومت سمورن ماڻهن جي لاءِ گهر تعمير نٿي ??ري سگهي ۽ حڪومت جو ڪم صرف آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سهولت ڏيڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خريد ??ري سگهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نجي بئنڪ 380 ارب روپيا گهرن جي تعمير جي لاءِ قرض ڏينديون، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو جي شرح سان قرض ڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ قرض تي حڪومت مدد فراهم ڪندي ??هي?? ان سلسلي ۾ هڪ لک گهرن تائين 3 لک روپيا في گهر سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 21 لک جو گهر 18 لک روپين ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ان طرح مسواڙ جي رقم قسطن ۾ ادائيگي جي صورت ۾ ڏئي سگهجي ٿي، وزيراعظم چيو ته فور ڪلويئر لا جو معاملو حل ٿيڻ ۾ 2 سال جو عرصو لڳي ويو ??هي?? حڪومتي قدمن سان تعيمراتي شهبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ ماضي ۾ ڪرپشن جو مرڪز هو، هتي سڀ ڪجهه ٿيندو هو پر مزدورن کي ڪجهه نه ملندو هو. 25 سال پراڻي اسڪيم موجوده حڪومت بحال ڪئي آهي ۽ اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي گهرن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي ??هي?? ان تي سيد ذوالفقار عباس بخاري ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
حڪومت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ