اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏا??ن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري ملاز??ن جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سرڪاري ملاز??ن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.
وفاقي ڪابينا ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز