اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو ??هرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت س??جي??ه انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت ??يش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام