اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ??فا??ي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قومي اسي??بل?? جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين قومي اسي??بل?? جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ته قومي اسي??بل?? جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسي??بل?? جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر اسي??بل?? جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی