ماسڪو – 4 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي ۽ اسان ان جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرگئي لاروف ماسڪو ۾ ه??گر?? جي پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير پيٽرسجارتو سان ملاقات ڪئي . ملاقات دوران روس ۽ ه??گر?? وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سرگئي لاروف چيو ته ه??گر?? جي انتظاميه پنهنجي مفادن مطابق هڪ آزاداڻي پاليسي تي عمل ڪري رهي آه??. س??گئي لاروف چيو ته يوڪرين جنگ بندي جي بنيادي س??ب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ سبب نيٽو جي ??وڀ?? طرف توسيع ڪندي يوڪرين کي پاڻ سان ملائڻ ??ي ڪوشش آهي. اهو روس جي سرحدن تي هڪ فوجي خطرو آهي. هن چيو ته يوڪرين ۾ جنگ نه ٿيڻ امن جو رستو ناهي. روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جي امڪانن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي جائز مفادن تي جامع غور ويچار مطابق يوڪرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي: روس جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil