واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آھي ته ??يران تي اسرائيلي حملي جي تياري جو راز کلڻ تي پينٽاگون جي ڪنھن ملازم کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جو ارادو ناھي. پرڏيھي ??پورٽ مطابق اھا ڳالھه ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.ھن چيو ته ??ھڙو ڪو او ايس ڊي ناھي ??نھن جو نالو ان ليڪس بابت جاچ ۾ شامل ھجي.آمريڪي اداري ”ايف بي آءِ“ گذريل ڏينھن چيو ھو ته ??نتھائي ڳجھي معلومات منظر عام تي اچڻ جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ايف بي آءِ مطابق اھا جاچ ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري بابت دستاويزن سان لاڳاپيل آھي، ج??ھن ته لائيڊ اي آسٽن چيو ته ڪنھن جي به ان معاملي ۾ ملوث ھجڻ جا اطلاع نه مليا آھن. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي بنا ڪنھن ثبوت جي اھڙا اطلاع سامھون آيا ته ??مريڪا جي دفاع واري وزارت جو ھڪ ملازم اسرائيلي منصوبي کي ليڪ ڪرڻ جو ذميوار آھي ۽ جنھن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ليڪ ٿيل معلومات جي حوالي سان ائين ظاھر ٿي رھيو آھي ته ??ھي ??ساس نوعيت جا دستاويز ”نيشنل جيو اسپيشل انٽيلي جنس ايجنسي“ پاران ليڪ ڪيا ويا آھن، دستاويز 15 کان 16 آڪٽوبر دوران سيٽلائٽ جي تصويرن بابت آھن جيڪي اسرائيلي منصوبي جي آمريڪي تشريح جي سلسلي ۾ تيار ڪيا ويا آھن .اھي ??ستاويز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽيلي گرام ميسجنگ“ تي گذريل ھفتي کان گردش ھيٺ آھن. وائيٽ ھائوس جي ترجمان جو چوڻ ھو ته ??ھا ڳالھه چوڻ مشڪل آھي ته ??ستاويز ھيڪ ڪيا ويا آھن يا ڪنھن لاڳاپيل اھلڪار انهن کي ليڪ ڪيو آھي. واضح رھي ته ??سرائيل ايران پاران پھرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ڪيل بيلسٽڪ ميزائل حملي جو جوابي حملي جو اعلان ڪيو آھي ??نھن جي تياري جاري آھي. جڏھن ته ??ماس جي اڳواڻ يحييٰ سنوار جي شھادت کان پوءِ اسرائيل غزه ۽ لبنان تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آھن.
ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري جو راز کلڻ تي پينٽاگان جي ڪنھن به ملازم کان پڇاڳاڇا نه ڪئي ويندي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان