واشنگٽن – 09 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ڏکڻ اوڀر سمنڊ ڪناري وارن علائقن ?? سامونڊي طوفان بيرل سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا فوت ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. طوفان جي اثر هيٺ هلڻ واري تيز هوائن ۽ تيز برسات سبب هاءِ ويز جا ڪيترائي هنڌ پاڻي هيٺ اچي ويا، تيل جي فراهمي لاءِ استعمال ٿيندڙ بندرگاهون بند ڪيون ويون، 1300 کان وڌيڪ اڏامون ،ملتوي ?? 27 ??ک کان وڌيڪ گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. آمريڪي نيشنل هريڪين سينٽر مطابق طوفان بيرل جي شدت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافي سبب ڪيٽيگري 5 جي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ بعد ميٽا گورڊا ۽ ٽيڪساس جي ٻين سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجي ويو آهي جڏهن ته هيوسٽن تائين پهچڻ کان اڳ ان جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي. بيرل ٽيڪساس پهچڻ کان اڳ ميڪسيڪو ۽ ڪيريبين ۾ به تباهي مچائي ڇڏي جتي طوفان سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
سامونڊي طوفان بيرل آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 3 ڄڻا فوت، 1300 اڏامون ملتوي، 27 لک گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن جي بجلي معطل
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج