رياض-12 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهز??ده محمد بن سلمان سان ڪويت جي هم منصب ( ولي عهد) شيخ صباح خالد الحمد الصباح ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن جي پهلوئن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي ترقي جي موقعي جو جائزو ورتو. ايس پي اي موجب شهز??ده محمد بن سلمان ڪويت جي ولي عهد جي مملڪت ۾ آجيان ڪئي ۽ ان جي خوشگوار قيام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو . ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن جي پهلوئن ۽ مختلف شعبن ۾ ان جي ترقي جي موقعن جو جائزو ۽ علاقائي عالمي معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? . واضح رهي ته ڪويت جي ولي عهد جو عهدو سنڀالڻ کا??پوءِ اهو پهريون پرڏيهي سرڪاري دورو آهي .
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج