گڏيل قومون – 04 جنوري (اي پي پي) جاپان حوثين طرفان قبضي ۾ ورتل سامونڊي جهاز ۽ ان جي ع??لي جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪيو آگي. الجزيره مطابق گڏيل قومن ۾ جاپان جي نمائندي سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته جاپان گ??يڪ??ي ليڊر ۽ ان جي 25 ماڻهن تي ٻڌل گهڻ قومي ع??لي جي هٿياربند قبضي تي سخت ناراض آهي، گ??يڪ??ي ليڊر جي ع??لي جا ميمبر اڃان حراست ۾ آهن جيڪو ناقابل قبول آهي. جاپاني نمائندي چيو ته اسانکي اهڙي قسم جي ناانصافي برداشت ڪرڻ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي ۽ اسان گ??يڪ??ي ليڊر ۽ ان جي ع??لي جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو پرزور مطالبو ڪريون ٿا. اهو سامونڊي جهاز برطانوي ڪمپني ري شپنگ جي ملڪيت آهي جنهن جي مالڪن ۾ اميت ترين اسرائيلي شه??ي ۽ بزنس مين رامي انگار پڻ شامل آهي، اهو ڪارگو سامونڊي جهاز عام طور تي جاپان مان هلندو آهي. گ??يڪ??ي ليڊر جي ع??لي جي ميمبرن جو تعلق يوڪرين، ميڪسيڪو، فلپائن ۽ بلغاريا سان آهي. حوثين 19 نومبر 2023 تي احمر سمنڊ ۾ ترڪيه کان ڀارت ويندي ان ڪارگو جهاز جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان کي يمن جي صوبي حديده جي بندرگاهه منتقل ڪري ڇڏيو هو.
جاپان ۾ حوثين طرفان قبضي ۾ ورتل سامونڊي جهاز گليڪسي ليڊر ۽ ان جي عملي جي فوري آزادي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria