رام الله-09 مئي (اي پي پي) اسرائيل جي فوج غزه تي هوائ?? حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 اهم ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي ۾ اسرائيلي فوج جي 40 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو. برطانيه جي خابرو اداري فلسطين جي صحت واري وزارت جي حوالي سان عالمي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته اسرائيل جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جي سوير غزه پٽي ۾ ٿيل حملن ۾ 12 فسلطيني شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. اسلامي جهاد جي هٿياربند ونگ 3 ڪمان??رن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته اسان پن??نج?? مشن تان هٿ نه کڻنداسين. گروپ جي ڪمان??رن جي سڃاڻپ جهاد غنم، خليل البهطيني ۽ طارق عزالدين جي نالن سان ٿي آهي. فلسطي??ي پرڏيهي وزارت اسرائيل ج?? حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي سياسي حل آهي، ٻئي طرف اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هنن اسلامي جهاد جي 3 سينئر ڪمان??رن کي نشانو بڻايو. حملي ?? هٿيارن ۽ بنيادي ڍانچي جي تياري جي 10 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ راڪيٽ سازي جا ورڪشاپ، سرنگون تيار ڪرڻ جا مرڪز ۽ اسلامي جهاد جو فوجي ڪمپائونڊ به شامل هئا. اسرائيل جي دفاع واري وزير يوم گيلنٽ چيو آهي ته جيڪو به عسڪريت پسند اسرائيل جي شهرين کي نقصان پهچائيندو ان کي پڇتائڻو پوندو. هن چيو ته اسرائيل جي فوج جي ڳجهي اداري شين بيت سان گڏجي غزه ۾ اسلامي جهاد جي قيادت کي نشانو بڻايو. واضح رهي ته گذريل هفتي اسلامي جهاد جي اڳواڻ جي اسرائيل جي حراست دوران بک هڙتال سبب فوتگي بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.
اسرائيل فوج جا غزه تي حملا، فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 شهري شهيد، 20 زخمي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ