گڏيل قومون – 30 مارچ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي انصاف جي عالم?? عدالت کان عالمي گرمي پڌ ۾ اضافو روڪڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي قانوني ذميوارين جو خاڪو تيار ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌل قرارداد وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي آهي. فرانسيسي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان تاريخي قدمن کي ماحولياتي انصاف جي تحريڪ ج?? اهم ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن تحت آلودگي ۾ اضافي جي ذميوار وڏن ملڪن تي دٻاءُ ۾ اضافي جي راهه هموار ٿيندي. قرارداد ۾ انصاف جي عالم?? عدالت (آءِ سي جي ) کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو زمين جي آبهوا جي تحفظ لاءِ گڏيل قومن جي ذميوارين ۽ قانوني نتيجن جو تعين ڪري. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته اوهان سڀ گڏجي تاريخ لکي رهيا آهيو، هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن غير پابند به هجي ته انصاف جي عالم?? عدا??ت جي راءِ، جنرل اسيمبلي، گڏيل قومن ۽ ميمبر ملڪن کي جرئتمنداڻي ۽ مضبوط موسمياتي قدم کڻڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته اسان جي دنيا کي ان جي سخت ضرورت آهي.
عالمي گرمي پد ۾ اضافو روڪڻ، گڏيل قومن جي قانوني ذميوارين جو خاڪو تيار ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌل قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری