اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشري جي غ??يب ۽ ڪمزور طبقن لاءِ سماجي تحفظ جي فريم ورڪ (سوشل پروٽيڪشن فريم ورڪ) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان فريم ورڪ جي ذريعي غ??يب ۽ ڪمزور طبقن کي ا??هن معاملن کان محفوظ بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو جيڪي ا??هن طبقن کي متاثر ڪري ر??يا آهن، جامع سماجي تحفظ جي فريم ورڪ جو مقصد غربت، صحت، اسٽينڊ گروٿ، تعليم جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوجوانن کي پنهنجي حقيقي صلاحيتن سان روشناس ڪرائڻ آهي ته جئين هي نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پاڻ ۽ پنهنجي نسلن کي غربت جي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ جي قابل ٿي سگهن. وزيراعظم سماجي تحفظ جي فريم ورڪ جي منظوري هتي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان