گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته غزه جا رهواسي پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن، هن فلسطين شهرين سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي غزه جي گهيراء?? ۽ ??بضي جي خاتمي جي مطالبي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هو هن خطي ۾ ايتري وڏ?? تعداد ۾ ٿيل فوتگين ۽ تباهي کان ڊنل آهن، غزه ۾ تازن ڏينهن ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جا اهلڪار به وڏ?? تعداد ۾ مارجي ويا آهن جيڪو عالمي اداري جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏ?? جاني نقصان آهي، هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي ڪيل حملي تي اسرائيلي پاران فلسطيني شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي. سيڪريٽري جن??ل ڊگهي مدي واري ج??گ بندي ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني شهرين جي آزادي جو مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته بي گهر ٿيل اٽڪل 17 لک فسلطيني ڪٿي به محفوظ ناهن، بيت المقدس جي اوڀر حصي سميت والاريل اولهندي ڪناري جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، هن انهن هزارين خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪي پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن ۽ وڃائي رهيا آهن. غزه ۾ مارجي ويلن ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار پڻ شامل آهن. هن چيو ته اسرائيل حماس وچ ۾ ج??گ بندي ۾ توسيع انسانيت جي جهلڪ ۽ اميد جو ڪرڻو آهي، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته ج??گ بندي غزه پٽي جي امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.
فسلطيني پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔