بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب چين جي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي ??چ ۾ خاص طور تي سي پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم چين جي ??شهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي ??مائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.
وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات