اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي رابطن واري خصوصي ص??احڪار اعظ?? جميل سان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دو??ان سياحت جي فروغ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چ??و ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چ??و ته ڪورونا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪورونا جي ص??رتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، منهنجو اسپين جي دو??ي دو??ان گڏيل قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري جنرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي ص??احڪار اعظ?? جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي مدد سان هڪ جامع قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.
پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس