پشاور – پهرين جنوري (اي پي پي) ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هندو مذهبي پيشوا شري پرم هنس جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هندو بر??دري جي ياترين جي ٽيري اچڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هندو ڪائونسل پاڪستان ??اران غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کان ??ندو بر??دري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان انهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستان جي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان ??ندو بر??دري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پاران ??همانن جي اچڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان خانن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻئي طرف هندو بر??دري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان سودو سامان ??ڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هندو بر??دري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي ويا. ان ??وقعي تي هندو بر??دري جي قانوني معاملن جي انچارج روهيت ڪمار ??يڊووڪيٽ سميت ٻين ياترين پاڪستان حڪومت پاران ??يري سميت هندوئن جي ٻين مذهبي جاين جي حفاظت ۽ جاين کي مذهبي سياحن جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي سان گڏوگڏ مذهبي سياحت جي فروغ سان ??وري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀارتي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اه?? پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انهن جي مذهبي جاين تائين پهچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀارت مان 200 مرد ۽ عورت ڀارتي ياترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذريعي صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ??اهور هوائي اڏي کان ??وائي جهاز ذريعي پشاور هوائي اڏي پهتو جتان اهو قافلو پشاور کان ??يري جي لاءِ روانو ٿيو.
ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری