اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائون?? جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اس??يٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ مان 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ