دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته خطي جا سم??را اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چ??و ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسان جي بيلاروس، ازبڪستان، ايران ۽ قزاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شر??ت ڪري رهيو آهي، هن چ??و ته وڌيڪ ڌيان افغانستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ جامع حڪومت ل??ءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چ??و ته ان ڳالهه تي سم??رين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چ??و ته افغانستان چ??واٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سم??ري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايران ۽ پاڪستان جا سربراهه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به هتي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، افغانستان جي استحڪام لاءِ سم??رن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.
خطي جا سمورا اڳواڻ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ تي متفق آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار