اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغ??نس??ان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغ??نس??ان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغ??نس??ان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغ??نس??ان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افع??نس??ان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغ??نس??ان جي حوالي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. م??جو??ه قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افع??نس??ان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغ??نس??ان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغ??نس??ان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغ??نس??ان جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغ??نس??ان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳا??ن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳا??ن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.
پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II