اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سي??يٽ?? شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏينداسي??، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌيان هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، اسان پنهنجي ??يا??ي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آ??ن. ??اڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي ??يا??ت کان جان ڇڏائي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ڏينداسين.
مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون