ڪوئيٽا – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته بلوچستان جي اندر خاص طور تي ۽ پوري پاڪستان جي اندر عام ط??ر تي ترقي جا رستا وڏي تيزي سان کلي رهيا آهن، بلوچستان ۾ معدنيات، ماهيگيري ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، وزيراعظم عمر??ن خان جي گڏيل قومن ۾ موثر خطاب پوري مسلمان امت جي عڪاسي ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري جي دوران مقامي هوٽل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان جي گورنر امان الله خان ياسين زئي ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي ڪري ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ ڀارت جي بزدلاڻي حرڪت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس