اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاع??ت، نشري??ت، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي ??زير مريم اورنگزيب کي ٻارن سان زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊيو ويو آهي. خصوصي ڪميٽي ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام جي لا??ِ موجوده قانونن ۽ پراسيڪيوشن جي طريقيڪار جو جائزو وٺندي، قانونن ۾ بهتري ۽ عملدرآمد جي حوالي سان سمورين ڌرين، صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي نماندن سان مشاورت ٿيندي، قانون ۽ انصاف، انساني حقن ۽ تعليم واريون وزارتون ڪميٽي کي پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون، ٻارن سان زيادتي ۽ تشدد جي واقعن جي تدارڪ لا??ِ خطي جي ٻين ملڪن جي تجربن، قانونن مان رهنمائي ورتي ??يندي ۽ صوبن ۾ لاڳو قانونن جو جائزو ورتو ويندو. ٻارن سان زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جي چونڊ لا??ِ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل