اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) نا??ي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پئسن جو زيان بلڪل به ناهي ڪيو پر ملڪي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪيو، اڄ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، 2013ع ۾ جڏهن محمد نواز شريف وزيراعظم بڻيو ته ملڪي مارڪيٽ 19 هزار تي هئي جنهن ??ي اسان وڌائي 54 هزار تائين آندو ڇو ته اسان هن ملڪ ۾ تمام گهڻا وسيلا پيدا ڪيا، سي پيڪ جيڪو هڪ گيم چينجر منصوبو آهي ان کي به پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي شروع ڪيو جڏهن ته ملڪ ۾ جاري توانائي جي بحران جو خاتمو به اسان ئي ڪيو آهي ۽ اڳو??ي وزيراعظم محمد نواز شريف جي شروع ڪيل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ بجلي بحران ختم ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي جڏهن ته گئس جي مسئلي تي پڻ ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ?? ڳالهائيندي ڪيو.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پئسن جو زيان بلڪل به ناهي: مفتاح اسماعيل
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado